بلدياتي نظام صوبائي معاملو آهي پاڻ حل ڪنداسين؛ سراج دراني

بلدياتي نظام صوبائي معاملو آهي پاڻ حل ڪنداسين؛ سراج دراني

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آھي ته بلدياتي نظام صوبائي سبجيڪٽ آھي ان کي اسان اسيمبلي مان پاس ڪرايو آھي 18هين ترميم بعد صوبا خودمختيار آھن هو پنھنجي قانونسازي پاڻ ڪن. اھڙن خيالن جو اظهار ھن آل سنڌ پٺاڻ يوٿ طرفان منعقد تقريب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته وفاق اسان جي مرضيءَ جي خلاف بلدياتي قانون ۾ تبديلي نه ٿو ڪري سگھي سنڌ ۾ آئي جي جي مقرري تي وفاق هروڀرو مسئلا پيدا ڪري رھيو آھي ايم ڪيو ايم جو سنڌ کي تقسيم ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو انھن کي ھمت آھي ته ڪري ڏيکارين اسين مزاحمت ڪندا سون. پٺاڻن پنھنجي شناخت کي ظاھر ڪيو آھي ته ھو ھن قوم سان سچا آھن منھنجي خلاف ھميشه سازش ٿيندي رھي آھي مون وڏا ٻلا پاليا پر ھو کير پي ڪري ڀڄي ويا مان پنھنجي مخالف ڪردارن کي آھستي آھستي ظاھر ڪندس. ھن چيو ته پنجين فيبروري تي ڪشمير جو ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائينداسون. ان موقعي تي آغا منير پٺاڻ، آغا اسد پٺاڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو