ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪوئل سنڌ ۽ بلبل مهراڻ جي نالي سان مشهور گلوڪاره، گيتڪار ۽ اداڪاره روبينا قريشي 13 جولاءِ تي 81 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي. کيس وصيت موجب عبدالله شاهه غازي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو. سرڪاري خابرو اداري ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) موجب روبينا قريشي گذريل 2 سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ پنهنجي سنگين بيماري سبب اسپتال ۽ گهر ۾ محدود هئي. روبينا قريشي 2 سال اڳ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ ڪافي عرصي کان آغا اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي پر ٻه مهينا اڳ هو ڪوما ۾ هلي وئي هئي. ڪوما ۾ وڃڻ کان اڳ هوءَ سخت بيمار هئي ۽ هن سال مارچ ۾ صدارتي ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي هئي، جيڪو سندس مشهور اداڪار مڙس مصطفيٰ قريشي وصول ڪيو هو.










