بلاول ڀٽو جي ڪوششون ڪامياب، خنجراب بارڊر ذريعي واپار بحال

بلاول ڀٽو جي ڪوششون ڪامياب، خنجراب بارڊر ذريعي واپار بحال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جون ڪوششون رنگ لاتو، خنجراب بارڊر تي واپار بحال ٿي ويو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به خنجراب بارڊر تي سڄي سال واپار جاري رکڻ جي چيني حڪومت جي مطالبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري سبب چين به مختلف برآمدي شين تي پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ گلگت بلتستان اسيمبلي خنجراب بارڊر تي واپار بحال ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آهيون. امجد ايڊووڪيٽ بريفنگ ڏيندي چيو ته خنجراب بارڊر تان واپار جي بحالي ۽ ان جو سڄو سال جاري رهڻ سان ملڪ جي مجموعي معيشت تي مثبت اثر پوندا.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي عوام کي خنجراب بارڊر تي سڄي سال لاءِ واپاري عمل شروع ڪرڻ ۽ ٻين پابندين کي هٽائڻ تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو