ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر( پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪشمور ضلعي جا عھديدار مقررڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي. نون مقرر ٿيندڙ عھديدارن ۾ سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نورمحمد دايو سينئر نائب صدر، عبدالرحمان ڀنگوار، منير احمد گولو ۽ برڪت لنجواڻي نائب صدر، ارشاد احمد ميراڻي ۽ قاسم دشتي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، قربان ڀنگوار ۽ جميل احمد پٺاڻ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، نذير احمد مزاري سيڪريٽري پي آر۽ ڪوآرڊينيشن، علي محمد چاچڙ رڪارڊ ۽ واقعات سيڪريٽري، افضل ڪلوڙ خزانچي ۽ مختيار احمد ميراڻي آفيس سيڪريٽري شامل آهن. ھوڏانھن نون عھديدارن پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ ضلعي قيادت جو شڪريوادا ڪندي چيو ته جيڪا ذميواري ڏني وئي آهي اها نڀائي ويندي، نون ۽ پراڻن ڪارڪنن عھديدارن کي گڏ کڻي شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائي پنهنجي بھادر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا ھٿ مضبوط ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرايوويندو.
مشهور خبرون










