بلاول پاران 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جو مطالبو

بلاول پاران 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اسين سياستدان، سياست جي دائري ۾ رهي سياست نه ڪنداسين ته باقي ادارن مان به اميد نه رکڻ گهرجي ته هو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪندا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن محمود اچڪزئي قرارداد پاس ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته سياست ۾ مداخلت نه ٿي ٿئي، توهان جيتريون به قرار دادون پاس ڪريو پر جيسين سياستدان هڪٻئي جي عزت نه ڪندا تيسين ڪو به سياستدانن جي عزت نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي واقعن بابت بيان ۾ چيو ته هو وزير اعليٰ خيبرپختونخواهه جي عدالتي ڪميشن جوڙن واري مطالبي جي حمايت ڪري ٿو پر شرط اهو آهي ته ان جو فيصلو سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو. هن وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست ڪئي ته 9 مئي جي وقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. هن چيو ته سائفر جي حوالي سان عمران جي ڀيٽ شهيد ڀٽو سان ڪئي پئي وڃي، جيڪا غلط آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو ڦاهي قبول ڪئي پر سرڪاري راض پان سان قبر ۾ کڻي ويو. عمران خان ته سائفر انٽرنيشنل ميديا ۾ شايع ڪرائي هئي. ان دوران پي ٽي آءِ ۽ پي پي جا ميمبر سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس سامهون احتجاج ڪندي هڪبئي خلاف نعرا هنيا. بلاول پي ٽي آءِ وارن کي عدالتي ۽ چونڊ اصلاحات لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم تي زور ڀريو ته 15 وزارتون جيڪي صوبن کي ملڻيون هيون ارڙهين ترميم هيٺ اهي نه مليون ۽ وفاق ۾ ڊبل خرچ ٿي رهيو آهي، اهي صوبن کي ڏيو اوهانکي 328 ارب روپيا سالياني بچت ٿيندي. هن جي ايس ٽي مان صوبن کي هصو ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو. بلاول چيو ته هو ڪوئٽا ۾ محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي ۽ اسين چونڊ کي تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون. هن بلوچستان جي وڏي وزير کان جانچ جو مطالبو به ڪيو. هڪ موقعي تي محمود خان اچڪزئي تقرير شروع ڪئي ته پي ٽي وي سندس تقرير نه ڏيکاري، بعد ۾ اسد قيصر ۽ سردار اختر مينگل جي تقريرن کي به جزوي طور نشر ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته بلاول ڳالهين جي دعوت ٿو ڏئي پر ان لاءِ ماهول جوڙيو، عمران خان سميت اسانجا ساٿي آزاد ڪريو، ڪورا ڪيس ختم ڪريو اسين آئين جي دائري م رهندي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسين هرقسم جي خوف واري ماحول مان گزريا آهيون هاڻي نٿا ڊڄون ۽ هر محاذ تي مقابلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو