ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ايم پي اي بلال غفار ملير ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو، بدمعاشي ۽ بدتميزي پي ٽي آءِ جو پراڻو طريقو آهي ملير ۾ پولنگ اسٽيشن تي پي ٽي آءِ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جھيڙي تي رد عمل ڏيندي سعيد غني بيان ۾ چيو آھي تھ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ وارن جي غنڊه گردي جو نوٽيس وٺي پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته عبدالحڪيم بلوچ جي فتح ڏسڻ بعد پي ٽي آءِ وارن جون وايون بتال ٿي ويون، ايم پي اي سليم بلوچ پولنگ اسٽيشن تي پهتو ته بلال غفار ۽ سندس غنڊن حملو ڪيو










