لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حڪومتي بل نواز شريف کي هڪ ٻيو اين آر او ڏيڻ جي ڪوڙي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه ناهي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته نواز شريف جڏهن به واپس ايندو ته سڌو جيل ويندو، حڪومتي بل نواز شريف کي هڪ ٻيو اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه ناهي.هن چيو ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ کي ڊڪٽيٽ نٿي ڪري سگهي، شهباز شريف سميت سموري پ پ سپريم ڪورٽ کي آئين جي بالادستي کان روڪڻ چاهي ٿي، آئيني طور تي رڳو سپريم ڪورٽ کي آئين جي تشريح ڪرڻ جو اختيار آهي.










