بغاوت ڪيس مان ايس يو پي ڪارڪن باعزت آزاد ٿي ويا

مانجهند  (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) دهشت گردي ٽوڙ  عدالت ايس يو پي مانجهند سميت مختلف جماعتن جي ڪارڪنن کي بغاوت ڪيس مان  باعزت ڪري ڇڏيو . گذريل سال 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو  ڏھاڙو ملهائڻ  تي وڏاڇڇر ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾  بغاوت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.  حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  مختلف داخل ڪيسن  ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي نامزد  ايس يو پي تعلقه مانجهند جي ڪارڪنن علي خان بابل کوسو غلام علي عمراڻي اشفاق علي خاصخيلي رياض کوسو  اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر نثار احمد پهنور قومپرست ڪارڪن  ياسر شاه  کي   باعزت بري ڪري ڇڏيو  ڪيس جي پيروي نامياري  وڪيلن مير احمد مڱريو اصغر ملاح ظفر چانڊيو خدا بخش ٿيٻو اعجاز لاکو اسد راڄڙ ۽ ٻين ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو