برطانيه ۾ سياسي پناهگيرن کي پاڻي ۾ ترندڙ گهر ن ۾ رکڻ جو فيصلو

برطانيه ۾ سياسي پناهگيرن کي پاڻي ۾ ترندڙ گهر ن ۾ رکڻ جو فيصلو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي حڪومت سياسي پناهگيرن کي پاڻيءَ جي ڪناري تي ترندڙ رهائشگاهه ۾ رکڻ جي رٿابندي ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيه ڊورسيٽ جي ساحل تي هڪ رهائشگاهه ۾ 500 مهاجرن کي گهر ڏيڻ جو منصوبو آهي.برطانوي گهرو آفيس موجب بيبي اسٽاڪ هوم نالي 200 ڪمرن واري رهائش هوٽلن جي ڀيٽ ۾ تمام سستي هوندي.هوم آفيس جو چوڻ آهي ته برطانيه مهاجرن لاءِ هائوسنگ خرچن تي هڪ ڏينهن 6 ملين پائونڊ خرچ ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو