ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ جي قانوني صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مون سون جي موسم ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ننڍن وڏن برساتي نالن جي صفائي جو عمل جاري آھي، گزريل ٻه ڏيھن پھريان جن هنڌن تي برساتن سبب پاڻي جمع ٿي ويو هو، انهن کي بروقت نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻيهر کوليو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برساتي نالن جي صفائي جو معائنو ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مظهر خان ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته نالن جي صفائي تي مڪمل ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ انهن نالن جي صفائي ڪندڙ ٺيڪيدار ايندڙ ٽن مهينن تائين انهن نالن جي صفائي جا ذميوار هوندا. ٺيڪيدارن کي بلن جي ادائيگي کي شفاف بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا نالن جي صفائي جو جائزو وٺندي ۽ ڪيل ڪم مان مطمئن ٿيڻ کانپوءِ کاتي کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، انهن سفارشن جي روشني ۾ ٺيڪيدارن کي رقم جي ادائگي ڪئي ويندي۔ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته برساتي نالن ۾ اڃا به وڏي پيماني تي حد دخليون آهن، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جي خلاف آهي پر جتي ضرورت پوندي اتان حددخليون ختم ڪيون وينديون، هن چيو ته هن وقت تائين نالن مان هزارين ٽن ڪچرو ڪڍي لينڊ فل سائيٽ تي منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن برساتون نه ٿيون ته شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان سميت دنيا جي مختلف شهرن ۾ جڏهن به تيز ۽ اچانڪ برساتون پونديون آهن ته روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويندو آهي جنھن کي بعد ۾ برساتي نالن ذريعي پاڻي نيڪال ڪيو ويندو آھي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ميونسپل سروسز کي هدايت ڪئي ته هيوي مشينري، موٽرز ۽ اسٽاف کي مڪمل طور تي پاپند رکيو وڃي ته جيئن برساتن جي صورت ۾ پاڻي نيڪال جو ڪم شروع ڪري سگهجي.










