ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين بابت اجلاس جو هنگامي اجلاس ٿيو. سنڌ ۾ ٻوڏ رليف سرگرمين جي نگراني لاءِ وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪوٺايو ويوواپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ چيف سيڪريٽري سنڌ آفيس ۾ اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، صوبائي کاتن جي سيڪريٽرين، اين ايڇ اي، اين ڊي ايم اي، واپڊا ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن شرڪت ڪئي.وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته برساتن ۽ ٻوڏن جي صورتحال ملڪي معيشت خاص ڪري زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو صوبائي حڪومت ٻوڏ کان بچاءُ جا منصوبا وفاقي حڪومت کي موڪلي اهي منصوبا وقت تي منظور ڪيا ويندا سنڌ حڪومت مون سون جي برساتن لاءِ جيڪو به ايمرجنسي پلان ٺاهي ان کي وفاقي حڪومت سان شيئر ڪيو وڃي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي مسئلا هن ڪميٽي ذريعي موڪليا وڃن ته جيئن اهي مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن.










