برسات متاثرن جي وفاق مدد ڪري. ميڊيا ڌيان ڏئي، بلاول

برسات متاثرن جي وفاق مدد ڪري. ميڊيا ڌيان ڏئي، بلاول

ميرپورخاص(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ برسات سبب وڏي تباهي ٿي آهي ان طرف ڌيان ڏنو وڃي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت وٽ وسيلا گهٽ آهن، وفاقي حڪومت اين ايف سي جا پيسا نٿي ڏئي، تمام وڏي تباهي آئي آهي، وڏن زميندارن جي ڀلي مدد نه ڪريو پر جن غريبن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن انهن جي ته مدد ڪريو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي پوري ملڪ جو ادارو آهي ان کي هتي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسلام آباد جي حڪمرانن کي ته ڪا خبر ئي ناهي هو ته نقشي ۾ به ميرپور خاص ڳولي نه سگهندا. هن چيو ته اسين ڏکئي وقت ۾ غرب ماڻهن کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون ۽ پنهنجي وس آهر مدد ڪندا رهنداسين. هن چيو ته مّير ماڻهو اڳتي اچن برسات وڏي تباهي ڪئي آهي، ميڊيا کي به ان تي فوڪس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته احتساب هڪ طرفو آهي، غدار ڊڪٽيٽر (پرويز مشرف) کان حساب وٺو، ثبوتن جي باوجود استعيفيٰ قبول نٿا ڪريو، اسان کان توشه خانه جو حساب نٿا وٺن پر 18 هين ترميم، اين ايف سي ۽ صوبائي خودمختاري جو حساب ٿا وٺن.هن چيو ته احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو