برسات سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي، سنڌ حڪومت ماڻهي کي ماري ڇڏيو: امير بخش

برسات سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي، سنڌ حڪومت ماڻهي کي ماري ڇڏيو: امير بخش

نئون ديرو (ن سنڌيار)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر سردار امير بخش خان ڀٽو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مون سون برساتن ۽ درياءَ ۾ آيل ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ آيل وڏي پئماني تي تباهيءَ ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت عوام کي دربدر ۽ ننڌڻڪو ڪري مارايو آهي. هزارن جي تعداد ۾ ڳوٺ ۽ شهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ لکين غريب ماڻهو پنهنجن ننگن ۽ معصوم ٻچڙن سميت بندن ۽ روڊن جي ڪناري تي کلي آسمان هيٺان قهر جهڙي گرميءَ واري حالت ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن جي داد، سنڀال لهڻ وارو ڪوئي به ڪونهي. حڪومتي اهلڪار رڳو فوٽو ڪڍرائڻ ۽ هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي آسمان جي سير ڪندا ٿا وتن پر زمين تي غريبن جا معصوم ٻار روزانو سون جي تعداد ۾ جان جي بازي هارائي رهيا آهن، مقامي ۽ بيروني ملڪ کان ايندڙ امداد جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونه آهي ته اُهي ڪيئن خرچ ٿيا ۽ ڪاڏي ويا؟ اهڙي صورتحال ۾ پاڪ فوج ۽ فلاحي ادارا ۽ اين جي اوز پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيا آهن پر حڪومت نالي ڪا شيءِ ظاهر ئي ڪونه آهي، انڪري جيڪڏهن ڪي حڪومتي ڌر وارا اهلڪار گهران نڪرن ٿا ته اُهي عوام جي غصي ۽ نفرت جو شڪار بڻجي وڃن ٿا ۽ وري تڪڙ ۾ پنهنجي ڏرن ۾ لڪڻ تي مجبور ٿي ٿا پون. منهنجي چونڊ تڪ رتوديرو ۾ ڪيئي ڏينهن کان بيٺل ڪني پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل مليريا جي بيماري سنگين وبا واري صورتحال اختيار ڪري وئي آهي ۽ ان مرض ۾ روزانو هزارين ماڻهو مبتلا ٿي رهيا آهن پر سڄي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مليريا جون جان بچائيندڙ دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن پر حڪومت جي جونءَ به نه چري آهي، حڪومت عوام سان تاريخي بيوفائي ۽ غداري ڪئي آهي پر هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام انهن حڪمرانن کان حساب ڪتاب وٺندو يا وري گذريل چونڊن وانگر انهن جي گاڏين آڏو اڃان به جهمريون هڻندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو