برسات جي تباهي، گهر مسمار فصل تباهه، خلق پريشان

برسات جي تباهي، گهر مسمار فصل تباهه، خلق پريشان

ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو) ٿرپارڪر جي بئراجي علائقن تعلقي ڪلوئي يوسي ڀٽارو يوسي ڦانٽ ڊوڍارو يوسي ڪلوئي کاڙڪ سميت مختلف علائقن ۾ مسلسل تيز طوفاني برساتن سبب وڏي تباهي ٿي آھي ڪيترئي ڪچا گهر ڪري پيا آھن.

Photo Sindhyar

هزارين ماڻھو بي گهر ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت مال متاء ڪاهي ٿر جي ڀٽن ۾ عارضي جهوپڙاقائم ڪري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ضلعي انتظاميه طرفان هيستائين ڪوبه جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو آھي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل مرچ ڦٽيون ٽماٽو ۽ گدري جو فصل مڪمل ٻڏي سڙي ويو آھي.

Photo Sindhyar

جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي بجلي جا پول ڪرڻ سبب ٽن ڏينهن کان بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو مواسلاتي نظام به بري طرح متاثر ٿيو آھي ڳوٺن کان شھرن تائين ملائيندڙ روڊ ھنڌان هنڌان اکڙي ويا آهن.

Photo Sindhyar

جنهن سبب عام زندگي جو ڪاروهنوار  ٺپ ٿي ويو آھي پورو بئراجي علائقو سمنڊ جوڏيک ڏيئي رهيو آھي جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار طرفان ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو هتي جي سڄاڻ ڌرين ۽ آبادگارن فورن تدارڪ جو مطالبو ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو