اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آئيني بئنچ عدم تعميل جي درخواست رد ڪري ڇڏي.درخواستگذار محمود اختر طرفان درخواست داخل ڪئي وئي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار محمود اختر عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي سپريم ڪورٽ سندس درخواست رد ڪري ڇڏي.










