اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي سولر پينلز جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن ته مختلف صلاحيتن جي سولر پينلز جي قيمتن ۾ نمايان رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي.رپورٽن موجب بجيٽ کان اڳ مارڪيٽ ۾ سولر پينلز جي قيمتن ۾ ٿيل انهي اوچتي اضافي صارفين ۽ سولر توانائي ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. مارڪيٽ جي ذريعن موجب سولر پينلز جي في پليٽ قيمت ۾ 7 هزار کان 9 هزار روپين تائين اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 585 واٽ جو سولر پينل جيڪو اڳ تقريبن 18 هزار روپين ۾ دستياب هو اهو هاڻ 27 هزار روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.اهڙي طرح 645 واٽ جي سولر پينل جي قيمت 22 هزار روپين مان وڌي 31 هزار 200 روپيه ٿي وئي آهي. جڏهن ته 720 واٽ جي پينل جي قيمت 25 هزار روپين مان وڌي 33 هزار 500 روپين تائين پهچي وئي آهي. ٻئي طرف مارڪيٽ سان جڙيل حلقن جو چوڻ آهي ته صرف سولر پينلز ئي نه پر انورٽرز جي قيمتن ۾ به اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.










