ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) خرچي نه ملڻ ڪري شهر جي بجلي ڪاٽي سيپڪو عملدارن غيرقانوني طور هلندڙ ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ان عمل ۾ سيپڪو جوھي ايس ڊي او جھنڊو جمالي راشي لائين مين محسن دستي ڊرگھ بالا جي شھرين کي پيغآم ڏنو ته کيسي جي خرچي نه ڏني وئي ته بجلي ڪٽيل رھندي. جڏھن ڊرگھ بالا شھر جي ھڪ بااثر محلي واسي خرچي ڪرائڻ سبب صرف بااثرن جي محلي ۾ بجلي ھلڻ لڳي,جڏھن کچي,وگھيه سرھيه,لنڊ, بس اسٽآپ محلا جي بجلي ڪاٽي وئي آهي. ڊرگھ بالا فيڊر تي ھن وقت تقريبن پنج سوء کان وڌيڪ ٽيوب ويل ڪنڪيشن غيرقانوني هلي رهيا آهن. في ٽيوب ويل کان ھر مھيني ويھ ھزار روپيه منٿلي ورتي وڃي ٿي. شھر جي بجلي ڪاٽڻ خلاف سوين شھرين شهر بند ڪرائي شٽر بند ھڙتال ڪرائي. ان موقعي تي سياسي سماجي ڌرين مين چونڪ تي ڌرڻو هنيو. يوسي چئيرمين لال بخش ڏآھري عطالله کچي صحآفين کي ٻڌآيو ته ھر مھيني ڊرگھ بالا جي شھرين کان کيسي جي خرچي وٺڻ لاء شھرين جي بجلي ڪاٽي پريشآن ڪيو پيو وڃي.










