بجلي صارفين جي رليف لاءِ وزيراعظم جو وڏو قدم

بجلي صارفين جي رليف لاءِ وزيراعظم جو وڏو قدم

اسلام آباد)بيورو)وزيراعظم بجلي صارفين جي رليف لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو آهي.وزيراعظم بجلي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن اندر 200 يونٽن تائين بجلي جي صارفين جي بلن ۾ رليف شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جا بل فوري طور گهٽ ڪيا وڃن، ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ بل درست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.پاور ڊويزن جي عملدارن بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ته وزيراعظم پاران صارفين لاءِ اعلانيل رليف پيڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي، 1 ڪروڙ 66 لک صارفين کي ڏنل رليف تحت بلن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو