اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 56 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب ڪيو ويو آهي.بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سبب صارفين تي 39 ارب 80 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن جي صارفين تي واڌ جو اطلاق نه ٿيندو.بجلي صارفين کي فيبروري جي بلن ۾ اضافي ادائگيون ڪرڻيون پونديون.










