بجلي جي تارن مان لڳل باهه 4 گهرن کي ساڙي ڇڏيو

بجلي جي تارن مان لڳل باهه 4 گهرن کي ساڙي ڇڏيو

ميرپورخاص(سيد بشيرشاھ) ڳوٺ فتح محمد ڪلوئي ۾ ميگھواڙ برادري جي چئن گھرن کي بجلي جي تارن مان اسپارڪنگ سبب باھ لڳي وئي. اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي پھچي باھ تي ضابطو آندو. باھ ۾ سڙي ويل گھرن ۾ پورھيت نانڪ ميگھواڙ، ٽلو مل ميگھواڙ، خانو مل ميگھواڙ ۽ چيتن ميگھواڙ جا گھر آھن جيڪي سڙي رک ٿي ويا آھن. جڏھن ته پيش آيل واقعي مان ڪوبه جاني نقصان ناهي پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو