بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

لاهور (م ڊ) ملڪ ۾ توانائي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي شارٽ فال هڪ دفعو ٻيهر 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي ويو ميڊيا رپورٽ موجب ملڪ ۾ توانائي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪرڻ لڳو آهي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي پاور ڊويزن ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي چڪو آهي بجلي جي گڏيل پيداوار 21 هزار 568 ميگاواٽ، طلب 26 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي ان جي برعڪس بجلي جي گڏيل پيداري صلاحيت 36 هزار 39 ميگاواٽ آهي ٻڌايو ويو آهي ته پن بجلي ذريعن کان 5 هزار 302 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي سرڪار ٿرمل پاور پلانٽس 963 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي نجي شعبي جي بجلي گهرن جي پيداوار 12 هزار 554 ميگاواٽ آهي ونڊ پاور پلانٽس 305 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي بيگاس پاور پلانٽس 164 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي نيو ڪليئر پاور پلانٽس جي پيداوار 2 هزار 279 ميگاواٽ آهي جڏهن ته سولر پاور پلانٽس مان بجلي جي پيداوار زيرو آهي ذريعن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلاڪن تائين بجلي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هاءِ لاسز علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو