بجلي جا ادارا عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا: صوبائي وزير

بجلي جا ادارا عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا: صوبائي وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چڱو ڀلو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي نيٽورڪ کي اپگريڊ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته اهڙي ئي ريت هيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي آهي. بجلي جا ادارا عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن. اها ڳالھ هن هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سامهون ڪافي ڀيرا ان معاملي کي اٿاريو آهي. هن چيو ته هيسڪو ۽ سيپڪو غير آئيني ڪم ڪري رهيا آهن. ڪنهن هڪ شخص جي سزا پوري پاڙي يا علائقي کي ڏني ويندي آهي پوري علائقي جي بجلي ڪاٽي ويندي آهي. جنهن جي آئين ۽ قانون اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو بجلي جو بل ادا نٿو ڪري ته ان شخص جي بجلي ڪٽي وڃي پر هتي پورا پاڙا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ بجلي کان محروم ڪيا ويندا آهن صوبائي وزير چيو ته هي انهن بجلي جي ادارن جي نااهلي آهي پر سزا عوام کي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جو سنگين مسئلو آهي جيڪڏهن ماڻهو رات جو سمهندا نه ته صبح جو ڪم ۽ مزدوري تي ڪيئن ويندا. هن چيو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن، دادو، جيڪب آباد ۽ نواب شاھ ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي اتي حال اهو آهي جو بجلي 16،16 ۽ 18، 18 ڪلاڪ بند رهندي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد رورل سندس تڪ آهي جتي هر پنجن منٽن ۾ بجلي ايندي آهي ۽ پنجن منٽن ۾ بند ٿي ويندي آهي. هن چيو ته هاڻ بجلي جي ادارن کي بهتر ٿيڻ گھرجي جڏهن ته بجلي جا گھ به وڌي رهيا آهن. هن چيو ته اها انهن ادارن جي نااهلي آهي پنهنجي سسٽم کي صحيح ناهين ڪرائيندا ۽ سزا عوام کي ڏيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو