بابر اعظم جي پريڪٽس ڪندي ويڊيو وائرل

بابر اعظم جي پريڪٽس ڪندي ويڊيو وائرل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي پريڪٽس جي وڊيو شيئر ڪئي.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز سڀاڻي کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي ۽ پهرين ميچ کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو.سيريز جا پهريان 4 ميچ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته باقي 3 ميچز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم جوس بٽلر جي غير موجودگي ۾ معين علي جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي.بابر اعظم سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو گرائونڊ ۾ ڊوڙندو ۽ بيٽنگ جي مشق ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو