ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)تعلقو ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ سونا نگر جي رھواسين عورتن ؛مردن ۽ ٻار ڻن ڳوٺ سونا گر جي رھائيشي بااثر عورت شريمتي شامون ڪولھي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي انھئي موقعي تي مظاھرين چيو اسين پنھنجن ابن ڏاڏن کان مذڪوره ڳوٺ ۾ ويٺل آھيون منشيات ۽ فحاشي جو سرعام ڪاروبار ڪندڙ بااثر عورت شريمتي شامون ڀائي اسانجي پلاٽ تي سندس ھٿياربندن ذريعي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي ھن گذريل ڏيھن اسانجي گھرن تي نامعلوم ھٿياربندن ذريعي اسان جي گھرن تي حملو ڪري ھڪ عورت شريمتي ريکا ڪولھي ؛ اجيت ڪولھي ۽ شگن ڪولھي کي لٺين ۽ ڪھاڙين سان سخت زخمي ڪري وڌو جيڪي حيدرآباد سول اسپتال داخل آھن ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسانجي درخواست وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته مذڪوره بااثر عورت خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي










