با اثرغريب ۽ يتيم گونگي جي ڪچي ڪڻڪ لڻي ويا

با اثرغريب ۽ يتيم گونگي جي ڪچي ڪڻڪ لڻي ويا

وارھ (طالب حسين چانڊيو ) بااثر ڌر سونو جويو جي معصوم ۽ يتيم گونگي نينگر سينگار علي جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ سندس ڪچي ڪڻڪ لڻي ويا. نينگر پنهنجي مامي غلام حسين سان گڏ صحافين کي جاءِ واردات ڏيکاريندي احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. هن ٻڌايو ته جوابدار سندس اڌ جريب تي بيٺل ڪڻڪ جو ڪچو فصل لڻي ويا آھن. هن چيو ته سندس زمين جي مهاڳ تي قبضو ڪري 30 گهُنٽن تي ڪمرو ٺاهي ڇڏيو آهي. بااثر پير بخش جويو، علي اصغر جويو، صاحب جويو، نياز عرف وڇون جويو ۽ ٻيا زرعي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن. هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو