اڏيرولال(ن س) اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن مسجد مان نماز پڙهي ٻاهر نڪرندڙ نوجوان سفيان رند تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته واقعي کان پوءِ هٿياربند آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.مقتول نوجوان جو واسطو خيرپور سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪو مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل هو۔ واقعي بعد پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جا به اطلاع آهن۔ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي آهي۔ جڏهن ته جاچ جو سلسلو جاري آهي.










