اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ان جي آس پاس کي فوري طور تي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل جي آس پاس کي ريڊ زون قرار ڏيڻ لاءِ حدن جو آخري تعين اڄ ڪيو ويندو، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماهر اهلڪارن جي هڪ وڏي تعداد کي هن ريڊ زون جي اندر ۽ داخلا تي مقرر ڪيو ويندو،اڊيالا جيل، جتي قيدين جو تعداد 7,500 کان وڌيڪ آهي، اهو واحد قيدي ناهي جنهن جي سيڪيورٽي غير معمولي احتياط سان ڪئي ويندي آهي.










