لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي صدر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته محمود خان اچڪزئي جي مقرري جمهوريت لاءِ مثبت ثابت ٿيندي.چوڌري پرويز الاهي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي سان فون تي رابطو ڪيو آهي. هن محمود اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته محمود خان اچڪزئي هڪ سينئر ۽ معزز پارليامينٽرين آهي.هن چيو ته مخالف ڌر محمود اچڪزئي جي قيادت ۾ مضبوط ۽ مثبت تعميري ڪردار ادا ڪندي.










