ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر ڪالهه کان هڪ ڀيرو ٻيهر سست رفتاري سان گهٽجڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. آمريڪي ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ وڌيڪ ڪمزور ٿي چڪو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 16 پئسا سستو ٿيڻ بعد 220 رپيا 25 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 220 رپيا 41 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 60 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 42286 تي پهچي ويو.










