لاهور(ويب ديسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اڄ يا سڀاڻي مونکي به مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪيو وڃي. وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته مان سمجهان ٿو ته منهنجي خلاف 97 ڪيس آهن، پر اڄ عدالت کي معلوم ٿيو ته منهنجي خلاف داخل ڪيسن جو انگ 143 آهي، مون اڳ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ۾ شڪست کان ڊڄندڙ گروپ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائي ورتو آهي، ڇنڇر تي هو مينار پاڪستان تي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪندا، هي ريلي حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندي. هن آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد تي الزام هنيو انهن ۽ سندس هينڊلرز مونکي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. هي اڄ رات گهر تي آپريشن ڪري سگهن ٿا، هو پوليس وارن کي قتل ڪري مونکي ماريندا. عدالت ويس تي نامعلوم ماڻهو سي ٽي ڊي پوليس جي وردين ۾ موجود هئا، آءِ جي پنجاب پوليس وارن کي دڙڪا ڏنا ته عمران واپس ڪيئن ويو؟










