اپوزيشن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بلاول

اپوزيشن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي عالمي وبا ۾ به انتقامي ڪارواين کان پاسو نه پئي ڪري. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اپوزيشن کي جيلن، اِي سي ايل ۽ ڪوڙن ڪيسن ذريعي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

جڏهن ته ڀڳوڙي ڊڪٽيٽرغدار، وزيراعظم جي ٽن مشيرن، وزيرن ۽ وزيراعظم جي ڀيڻ خلاف ڪا ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻه قانون آهن. هن چيوته صدر زرداري ۽ فريال ٽالپر ٻن سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو