اپريل جي مهيني ۾ آزاد ڪشمير ۾ تيز برفباري، ٿڌ ۾ واڌ

اپريل جي مهيني ۾ آزاد ڪشمير ۾ تيز برفباري، ٿڌ ۾ واڌ

ميرپور (ويب ڊيسڪ)اپريل جي مهيني ۾ آزاد ڪشمير ۾ سخت برفباري ۽ وادي نيلم ۾ 6 انچ جڏهن ته جبلن تي هڪ فوٽ تائين برف پوڻ سبب موسم هڪ ڀيرو ٻيهر سرد ٿي وئي آهي.ان کان علاوه سياحتي جڳهن ادانگ ڪيل، لوات بالا، گريس ۽ شونتار ۾ به برفباري ٿي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي تيز برسات ۽ ٿڌڪار پڻ ٿي.ٻئي طرف بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ گجگوڙ پئي.هرنائي ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته دڪي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 ڍور فوت ٿي ويا.موسميات کاتي اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ان کان علاوه ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو