اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪراچي جا شهري سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. اداره شماريات جي دستاويزن موجب، ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي وڌ ۾ وڌ قيمت 2800 رپين تائين پهچي وئي آهي. ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو اٽو خريد ڪري رهيا آهن، جتي شهر ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2800 رپين تائين آهي.دستاويزن موجب، پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2750 رپين تائين پهچي وئي آهي. اسلام آباد ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2733 رپيا، راولپنڊي ۾ 2707 رپيا، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ بنون ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2700 رپين تائين آهي. ان کان علاوه، حيدرآباد ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2600 رپيا، خضدار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2400 رپيا، فيصل آباد ۾ 2350 رپيا Manager گوجرانوالا ۾ 2333 رپيا ۽ ملتان ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2267 رپين تائين ٿي وئي آهي. لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2250 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.










