ڪشمور(اصغر علي چانڊيو ) ايڪسائيز پوليس جي انسپيڪٽر شمس الدين چاچڙ وردگ پيٽرول پمپ ڀرسان ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ تلاشي دوران c 1505 ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ منشيات ھٿ ڪري ورتي جنهن بعد ايڪسائيز پوليس ميڊيا کان ڪارروائي لڪائي 15 ڪلاڪن بعد ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارروائي ظاھر ڪري 40 ڪلو آفيم ۽ 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ 4 مڻ آفيم ھٿ ڪئي وئي آهي ۽ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ايڪسائيز پوليس انسپيڪٽر شمس الدين چاچڙ ڪارروائي کي 14 ڪلاڪ گذرڻ بعد ظاهر ڪندي منشيات سمگلنگ ڪندڙ 2 جوابدارن ظهير خان ۽ ناصر خان کي گرفتار ڪري وٽان 40 ڪلو آفيم ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته ايڪسائيز پوليس گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ استعمال ھيٺ آيل ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.










