ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان نظر نه ايندو. هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته اقتدار ڇڏڻ وارا جلد واپس نه ٿا اچن، عمران خان ملڪ جو بيٺو غرق ڪري ڇڏيو آهي.منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي ته 2023ع ۾ بلاول ڀٽو يا ن ليگ جو وزيراعظم ٿيڻ جو امڪان آهي يا ڪو اتحاد ٿي سگهي ٿو، هاڻي عمران خان کي انتظار ڪرڻو پوندو، سندس مقبوليت ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿيندي.پ پ اڳواڻ چيو ته جولاءِ ۾ عمران خان جا ساٿي به ساڻس گڏ هليا ويندا، غلط فيصلن سبب عمران خان جو لانگ مارچ ناڪام ٿيو، عمران خان جي لانگ مارچ کي تڪليف نه ڏيو.










