ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ايندڙ سال ڪمند جو في مڻ اگهه 4 سئو روپيا في مڻ ڪيو ويندوپنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته آبادگارن ۽ هارين سان انصاف ڪرڻ سان ئي ملڪي زراعت کي هٿي ملنديهن چيو ته آبادگارن ۽ هارين کي محنت جو ڦل ملڻ سان سندن همت افزائي ٿيندي، آبادگار ۽ هاري خوشحال هوندو ته زراعت تي ڌيان ڏيندواڳوڻي صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته آبادگارن سان زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي










