اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو نٽھڻ اس ۾ احتجاج

اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو نٽھڻ اس ۾ احتجاج

دادو(ن سنڌيار) دادو 2013-اين ٽي ايس پاس اميدوارن وڏي تعداد ۾ دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نٽھڻ اس ۾ ايجوڪيشن سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ايجوڪيشن وزير سردار شاه خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.مظاهرين فدا حسين لغاري. منور سيال، گل محمد کوکر.تسليم پنهور. بينظير سولنگي. صنم.تبسم چيو ته جيسيتائين اسان کي حق نه ڏنو ويندو تيسيتائين خاموش نه ويهنداسين. چاهي اسان تي لاٺي چارج يا شيلنگ ڪئي وڃي.اسان جيل به ڪٽينداسين پر پنهنجو حق آخري ساهه تائين نه ڇڏينداسين اسان وٽ سوين ثبوت آهن ته اسان سان ڊپارٽمينٽ وارن ڪيتريون ناجائزيون ۽ ناانصافيون ڪيون آھن جنهن جا ڪجهه ثبوت سيڪريٽري اڳيان پيش ڪري چڪا آهيون پر اتان اسان کي ڪا به موٽ نه ملي هاڻي سپريم ڪورٽ، نيب، ايجنسين ۽ ميڊيا اڳيان ظاهر ڪنداسين. جنهن ۾1جعلي ڀرتيون،2 گهٽ مارڪن وارن کي آرڊر 3 هڪڙي يو سي مان نالو ڪٽي ٻي يوسي ۾ 4 ٻين صوبن وارن کي پڻ سنڌ صوبي جي جعلي ڊوميسائيل تي آرڊر ڏنا ويا. 5 نقلي معذوري سرٽيفڪيٽ ٺهرائي معذورن جو حق کاڌو ويو. 6 مڪس اسڪول ۾ عورتن کي 20 مارڪون ڏيڻ بجاء هر اسڪول ۾ 20 مارڪون عورتن کي ڏئي پاليسي جي لتاڙ ڪئي وئي7 سيٽون لڪائڻ جا ڊي اوز خلاف ڪئين ثبوت 8 ويٽنگ وارن کي هينئر تائين آرڊر ناهن ڏنا ويا.سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ اهڙا سوين ثبوت ظاهر ٿيا آهن.اسان 14 جون 2022 تي ڪراچي سنڌ اسيمبلي آڏو پرامن احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو