ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اين اي 231 ملير جي 4 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ کان اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ ٻڌڻي تائين روڪي ڇڏيو.اين اي 231 ملير جي 4 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار خالد محمود ايڊووڪيٽ پ پ جي حڪيم بلوچ جي ڪاميابي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ٽربيونل خالد محمود جي درخواست تي اين اي 231 جي چئن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو.پيپلز پارٽي جي عبدالحڪيم بلوچ اليڪشن ٽربيونل جي ٻيهر ڳڻپ واري حڪم خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.عبدالحڪيم بلوچ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ٽربيونل اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ چئن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.










