ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري واپس وطن پهچي ويو

ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري واپس وطن پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري وطن واپس پهچي ويو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب بابرغوري کي حفاظتي ضمانت منظور ٿيڻ سبب گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي مٿس ٽيرر فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل ڪيا آهن، جوابدار خلاف ڪراچي پورٽ ۾ غير قانوني ڀرتين خلاف جاچ به جاري آهي. اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري 2015ع کان پرڏيهه هو ۽ هو 7 سال پرڏيهه رهيو، بابر غوري 2015ع کانپوءِ 4 جولاءِ 2022ع تي وطن واپس آيو ۽ ان موقعي تي کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي پوليس حراست ۾ ورتو هو پر هو بعد ٻيهر پرڏيهه هليو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو