ايم اين وي ڊرين کي گهارو، سيوهڻ ايئرپورٽ ۽ آئل ريفائنري پاڻي هيٺ

ايم اين وي ڊرين کي گهارو، سيوهڻ ايئرپورٽ ۽ آئل ريفائنري پاڻي هيٺ

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) مين نارا ويلي ڊرين يعني ايم اين وي ۾ قدرتي کنڊ يعني گهارو پوڻ سبب منڇر ۾ ايندڙ پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ٿي ويو آهي. هن ڊرين کي آر بي او ڊي ون به سڏيو ويندو آهي. جيڪا اتر سنڌ مان پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. منڇر پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، جنهن ۾ پاڻي جي دٻاءَ سبب هٿرادو ڪٽ هڻي سيوهڻ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اباڻي ڳوٺ سميت پنج يونين ڪائونسلز کي ٻوڙايو ويو هو. واپڊا جي سکر ۾ موجود چيف انجنيئر نعيم قادر منگي صحافين کي ٻڌايو ته منڇر ۾ پاڻي جي ليول وڌي وئي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان ڍنڍ ۾ ايم اين وي جو پاڻي داخل نه ٿي رهيو هو ۽ ايم اين وي تي دٻاءُ وڌڻ سبب آر ڊي 10 وٽان کنڊ پيو آهي. اڄ صبح 6 وڳي منڇر ۾ پاڻي جي سطح 123.25 فٽ رڪارڊ ٿي هئي. جيڪا شام تائين وڌيڪ گهٽجي وئي آهي. منڇر جي بند کي حڪومت ٻن جاين تان ڪٽ هنيو هو جيئن سيوهڻ ۽ ڀان سعيد آباد جي شهرن جي وڏي آبادي کي بچائي سگهجي ان ڪري گهٽ آبادي وارن علائقن کي ٻوڙايو ويو. آر ڊي 14 ۽ 52 وٽان ڪٽ سبب سيوهڻ، جعفرآباد، بوبڪ، واهڙ ۽ عرضي يونين ڪائونسلز جا هڪ سو کان مٿي ڳوٺ متاثر ٿيا آهن. سيوهڻ ايئرپورٽ ۾ هڪ فوٽ کان مٿي پاڻي آهي جڏهن آئل ريفائنري پڻ پاڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو