ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي ملڪ ۾ پهرين جولاءِ کان ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيمت ۾ في ڪلو 19 روپيا 46 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جنهن بعد 11.8 ڪلو جي سلينڊر جي قيمت 229 روپيا 54 پيسا گهٽ ٿي وئي آهي. نئين قيمت 2092 روپيا 13 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.










