اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايل اين جي (LNG) جي قيمت ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي واڌ ڪئي وئي آهي.اوگرا (OGRA) پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري واري قيمت (سيل پرائس) ۾ 6.45 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ($/MMBtu) تائين واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن کانپوءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي وڪري واري قيمت 25.83 ڊالر ۽ سوئي سدرن سسٽم تي 25.8 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي. مشرقِ وسطيٰ (مڊل ايسٽ) جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پاڪستان کي جولاءِ ۾ ايل اين جي جا 5 مهانگا اسپاٽ ڪارگوز خريد ڪرڻا پيا، جنهن جي نتيجي ۾ جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ هيڏو وڏو اڀار آيو آهي.










