ايف آءِ اي اسد قيصر کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

ايف آءِ اي اسد قيصر کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پشاور پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسد قيصر کي هڪ ڀيرو ٻيهر طلب ڪري ورتو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) نوٽيس جاري ڪندي اسد قيصر کي سڀاڻي (7 سيپٽمبر) طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي پاران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي هي پنجون نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ اسد قيصر کي 11 آگسٽ، 18، 29 آگسٽ ۽ 5 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو هو.ذريعن موجب ايف آءِ اي اسد قيصر کي 2 خانگي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو