ايشيا ڪپ جي ميزباني جو فيصلو آئي پي ايل جي فائنل کانپوءِ ٿيندو: جي شاهه

ايشيا ڪپ جي ميزباني جو فيصلو آئي پي ايل جي فائنل کانپوءِ ٿيندو: جي شاهه

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جي شاهه جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني جو فيصلو انڊين پريميئر ليگ جي فائنل کانپوءِ ٿيندو.ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جي شاهه چيو ته سريلنڪا ۾ جاري معاشي بحران سبب ايشيا ڪپ جي ميزباني تي سواليا نشان اٿي رهيا آهن، جڏهن ته حتمي فيصلو آءِ پي ايل فائنل کانپوءِ ڪيو ويندو.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سيڪريٽري چيو ته سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ سان ايشيا ڪپ جي ميزباني جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن، جن ۾ لنڪن بورڊ جي اعليٰ عملدارن چيو آهي ته محفوظ طريقي سان مينز ايشيا ڪپ جي ميزباني لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته 29 مئي تي آءِ پي ايل فائنل کانپوءِ ايشيا ڪپ جي مستقبل جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪووڊ-19 جي عالمي بحران سبب سريلنڪا جي سياحت مڪمل بند ٿي وئي هئي، جنهن سبب سريلنڪا کي معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو هو، جڏهن ته حڪومت خلاف مظاهرا به ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو