ايس ٽي پي پاران ٻاهران آيل امداد جو جي ورهاست لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو

ايس ٽي پي پاران ٻاهران آيل امداد جو جي ورهاست لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو

ٽنڊو محمد خان (ن س)سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي برسات ٻوڏ جي تباهين لاءِ مليل عالمي امداد مستحق ماڻهن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾ سينئر صحافي حيدر شورو جي وفات تي سندس ڀاءُ رمضان شورو ، قادر شورو ۽ پونئيرن سان عذرخواهي ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ کي مستقل تباهڪارين کان بچائڻ لاءِ ايندڙ وفاقي ، صوبائي چونڊن توڙي مڪاني چونڊن ۾ مضبوط قومپرست اليڪشنري اتحاد جي ضرورت آهي ، جنهن لاءِ ترقي پسند پارٽي عملي طور قومپرست قيادت کي هڪ مضبوط پليٽفارم تي متحد ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪوشش ڪرڻ ۾ سرگرم آهي ، جنهن ۾ سمورين قومپرست پارٽين کي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ، هن چيو ته سنڌ جي اندر منڇر ڍنڍ کي جيڪي ڪٽ لڳائي نقصان رسايو ويو آهي ان جو ازالو هڪ صدي ۾ ڪرڻ ۾ ناممڪن آهي ، سڄي سنڌ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ رٿابندين جي ڪري نقصان جو ازالو برداشت ڪري رهي آهي پر اها برداشت هاڻي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي ، سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي تي بي گهر ٿي ويو آهي ، سنڌ جي اندر ڌارين جي يلغار جو سلسلو جاري آهي ، افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ جا اعلان ڪري ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي ، سنڌ ۾ لکين غيرقانوني پرڏيهي مستقل آباد ٿي رهيا آهن ، جن کي سازش جي تحت قومي شناختي ڪارڊ سان گڏ رهائش لاءِ ڪالونيون قائم ڪري ڏنيون ويون آهن دهشتگردي ، تخريبڪاري ۾ ڪو به سنڌي اڄ تائين حڪومت جي رڪارڊ ۾ دهشتگرد تخريبڪار ثابت نه ٿيو آهي پر پرڏيهي سنڌ جي اندر تخريبڪاري ۽ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا حڪومت کي ٺوس ثبوت ملڻ باوجود حڪومت انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ، اها بدقسمتي آهي ته سنڌ جي امن پسند عوام کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي وڃي پئي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو