ايس ٽي پي اڳواڻ مٿان قاتلاڻي حملي خلاف ڪارڪنن جو احتجاج

ايس ٽي پي اڳواڻ مٿان قاتلاڻي حملي خلاف ڪارڪنن جو احتجاج

ٺاروشاهه (اسد شاھ بخاري) ايس ٽي پي اڳواڻن علي گوهر اڄڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ايس ٽي پي ضلع نوشهرو فيروز جي اڳواڻ خير محمد ڪولاچي مٿان قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو گذري ويو آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته پوليس مک جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي انهن جا نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هوڏانهن رابظو ڪرڻ اي ايس آءِ ٻڌايو ته اڃا ڪيس پينڊنگ ۾ آهي سرٽيفڪٽ نه آيو آهي اسان ڪيس مان ڪنهن جو به نالو خارج  نه پيا ڪريون. هوڏانهن ڊاڪٽر وجي ڪمار ٻڌايو ته نواب شاهه مان سرٽيفڪٽ آيو آهي جلد اسان ٿاڻي تي موڪلينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو