دوداپور(ن س) ايس ايس پي جيڪب آباد واعدو وفا نه ڪيو، صحافي جي ڀاءُ کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم واپس ناهي ڪرائي. متاثرين ٻيهر احتجاج ڪري روڊ بلڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد الله آباد لاڙي وٽ3 ڏينهن اڳ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن صحافي ذوالفقار مندراڻي ۽ روزاني سنڌيار دوداپور جي رپورٽر اختيارمندراڻي جي ڀاءُ ۽ پرائمري استاد امداد مندراڻي کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ 13 هزار روڪ رقم ڦُر ڪري فرار ٿي ويا هئا. اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن ۽ صحافين تاجا شاخ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو هو. ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پُهتل ايس ايڇ او ڳڙهي خيرو رفيق کيڙو ڌمڪيون ۽ داٻا ڏنا ۽ مظاهرين تي دهشتگردي جو ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. جنهن بعد ايس ايس پي جيڪب آباد مظاهرين کي 24 ڪلاڪن اندر ڦُر ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو هو پر 3 ڏينهن گذرڻ بعد به ڪا پيش رفت ناهي ٿي سگهي. متاثره ڌر چيو آهي ته جيڪڏهن ايس ايس پي واعدي تي عمل نه ڪيو ته ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.










