ايس ايس پي 14 اميدوارن کي آفر آرڊر ورهائي ڇڏيا

ايس ايس پي 14 اميدوارن کي آفر آرڊر ورهائي ڇڏيا

سانگهڙ (ن سنڌيار)سانگهڙضلعي ۾ پوليس کاتي پاران پاڪستان ٽيسٽنگ سروس مان پاس ٿيندڙ 89 اميدوار جنهن ۾ 58 ڪانسٽيبل پاس . 17 ليڊيز پوليس اهلڪار۽ 14 ڊرائيور ڪانسٽيبل ۾ ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ علي لنجار اڄ ايس ايس پي آفيس ۾ 14 اميدوارن کي پنهنجي هٿن سان آفر آرڊر ورهايا ۽ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته کيس اميد آهي ته اهي سڀئي اميدوار ميرٽ تي پاس ٿيا آھن اميد آھي پاس ٿيندڙ اميدوار ايمانداري سان ڊيوٽي سرنجام ڏئي پوليس جي نالو روشن ڪندا هن وڌيڪ چيو ته 2019 ۾ پاڪستان ٽيسٽنگ سروس ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن کي اڄ آفر آڊر ڏنا ويا آھن ان موقعي تي ڊي ايس پي سانگهڙ محمد آصف آرائين. ۽ ڊي ايس پي سي آءِ اي جاويد چانڊيو پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو