ڪراچي(استاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس آءِ يو ٽي ۾ پهرين روبوٽڪ سرجري اينڊ ٽريننگ سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. جيڪو روبوٽڪ سرجري جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم آهي. روبوٽ انساني جسم جي ننڍڙن حصن جي سرجري به ڪري سگهن ٿا جتي سرجن جا هٿ نٿا پهچي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته هن آرٽيفيشل انٽيليجنس کي هلائڻ لاءِ بهترين سرجن هجڻ ضروري آهي، SIUT ۾ روبوٽڪ سرجري سان يورولوجي ۽ ٻيون سرجريون ممڪن ٿينديون. سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو 2017ع ۾ ايس آءِ يو ٽي ۽ سول اسپتال ۾ روبوٽ سرجري سسٽم خريد ڪيو هو، سيد مراد علي شاهه چيو ته هن روبوٽڪ سرجري کي دنيا جي مشهور مصور دا ونچي سان منسوب ڪيو ويو آهي.










