ايراني ٽيم کي ميچ کانپوءِ آمريڪا ۾ ترسڻ جي اجازت نه ملڻ جو انڪشاف

ايراني ٽيم کي ميچ کانپوءِ آمريڪا ۾ ترسڻ جي اجازت نه ملڻ جو انڪشاف

تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران جي ورلڊ ڪپ فٽبال ٽيم کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته کين آمريڪا ۾ پنهنجي ميچ واري ڏينهن ئي ملڪ ۾ داخل ٿيڻو پوندو ۽ ان ئي ڏينهن واپس به وڃڻو پوندو.مئڪسيڪو ۾ مقرر ايران جي سفير انڪشاف ڪيو آهي ته ٽيم کي آمريڪا ۾ ترسڻ (قيام ڪرڻ) جي اجازت ناهي ڏني وئي ۽ سندن ويزا جي حوالي سان سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. ايراني سفير موجب، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي جنگ جي ڪري ايراني ٽيم کي آمريڪا جي رياست ايريزونا جي شهر ٽڪسن ۾ قائم سندن شروعاتي تربيتي مرڪز (ٽريننگ ڪيمپ) جي بجاءِ هاڻي مئڪسيڪو ۾ رکيو ويو آهي. مئڪسيڪو لاءِ ايران جي سفير ابوالفضل پسنديده صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسان صبح جو آمريڪا ۾ داخل ٿي سگهون ٿا پر اسان کي ان ئي ڏينهن واپس وڃڻو پوندو. ايراني ٽيم تي اها پابندي ويزا جي شرطن جو حصو آهي. ايراني ٽيم کي ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي دوران آمريڪا ۾ 3 ميچون کيڏڻيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو